جڪارتا- 02 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي جزيري ڏکڻ صو??ي ايسٽ نوساٽينگارا ۾ خميس ڏينهن صبح سويري 6.1 جي شدت جو زلزلو آيو، زلزلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته صو??ائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ ۾ ما??هو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. فرانس جي خابرو اداري موجب انڊونيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي بي ايم ڪي جي زلزلي جي شدت 6.6 ٻڌائي آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلو ڪوپانگ شهر ويجهو تيمور جزي??ي جي اولهه ۾ 36.1 ڪلوميٽ??ي جي گهرائي ۾ آيو، زلزلي سان شهر ۾ ڪجهه عمارتن جا ڇاپڙ ڪريا ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجا گهر خالي ڪري ڇڏيا، زلزلي جا لوڏا صو??ائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ کانسواءِ صو??ي جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، مقامي عملدارن موجب زلزلي سان سونامي جو ڪو به انديشو ناهي، زلزلي کانپوءِ گهٽ شدت جا آفٽر شاڪ به محسوس ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں