اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وزارت طرفان قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو ??ه وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. توانائيءَ واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس 5 آءِ ??ي پيز سان ڳالهين کان پوءِ ??عاهدن تي نظرثاني ڪئي آهي جنهن سبب به عام ماڻهو تي بار گهٽ ??ون??و. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شائسته خان جي سوال تي توانائيءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري عامر طلال خان ٻُڌايو ??ه وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. حڪومت 32 ملين ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي. ايوان کي وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌايو ??ه وزارت ۾ هن وقت سيلب سسٽم تي نظرثاني ڪرڻ جي ڪنهن به تجويز تي ڪم ناهي ٿي رهيو.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن