اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت ??ه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ??هره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چي?? ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چي?? ته ڪو ٻيو عمل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح ??ه آهي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ