ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حمد اسحاق ڊار ڪوئيٽا ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خ??ن سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ڪالهه اربع ڏينهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪوئيٽا ۾ جديد سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ??ير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ صوبائي حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪوئيٽا ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي سان عوام کي صفائي سٿرائي جي بهتر سهولت ملندي.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش