اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عام ??ونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون آهن، مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم تحت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام ??ونڊن بابت ڪجهه م??ڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته عام ??ونڊن بابت ڪجهه م??ڪن ۽ تنظيمن جي بيانن کي ڏٺو آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چونڊ عمل جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ۽ نه ئ?? ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي ??سليم ڪن ٿا، اهي بيان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. ترجمان چيو ته عام ??ونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان ٿيون آهن، غير ملڪي اسپانسر ٿيل دهشتگردي کان سيڪيورٽي کي ??رپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. ترجمان چيو ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس کي ??ند ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کان بچي سگهجي. چونڊ مشق ان حوالي سان خدشن کي ??لط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اسان پنهنجي دوستن طرفان تعميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عمل جي تڪميل سان ناڪاري بيان نه ته تعميري ۽ نه ئي بامقصد آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان متحرڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منزل جي ويجهو ڪندي. هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پر پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان جي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.
عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی