لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ??نٽ??نيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن ??نٽ??نيٽ ۽ موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبائيل ۽ ??نٽ??نيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پن??نج?? عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن ??نٽ??نيٽ ۽ موبائيل سروس بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پن??نج??ن شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام ??نٽ??نيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري ??نٽ??نيٽ سروس ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.
شيري رحمان پاران انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ