اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران مان پ??هنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان جي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ کليل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ?? اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جو ??و جواز نه آهي. پاڪست??ن ان غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران تي لاڳو هوندي. هن چيو ته اس??ن اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پ??چائي ڇڏيو آهي. اس??ن انهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪست??ن ايران مان پ??هنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران جي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اس??ن انهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.
پاڪستان پاران سرحدي خلاف ورزي تي ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو، ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج