ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ چيو آ??ي ته ڪراچي جي مسئلن ??ي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالح?? ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن ??ي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.
ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں