اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريب?? جي موقعي تي ڪميٽي آف هول کي خطاب ڪندي اڳوڻن ۽ موجوده سينيٽرن چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش سمورن چئلينجن ۽ بحرانن جو حل قانو?? جي حڪمراني، آئي?? جي بالادستي ۽ جمهوريت ۾ آهي، 18 هين ترميم سميت آئين پاڪستان تي ا?? جي روح موجب عملدرآمد وقت جي ضرورت آهي، هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، سينيٽ کي مالياتي معاملن ۾ به اختيار ڏنا وڃن. گولڊن جوبلي تقريب?? جي ٻي ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان 1973ع جو آئين ٺاهيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ان م??قعي تي اسان کي پنهنجي خامي?? جي پڻ نشاندهي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ موجوده آئين اميد جو ڪرڻو آهي، سياسي پارٽين کي ميرٽ ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻو پوندو ۽ مافياز ۽ اي ٽي ايم مشينن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، اڳوڻي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقربيون م??عقد ڪرڻ تي چيئرمين ۽ ٻي ٽيم کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، بي اين پي مينگل جي اڳوڻي سينيٽر ثناءُ الله بلوچ چيو ته پاڪستان سا?? جيڪي ملڪ آزاد ٿيا، ترقي ۾ پاڪستان انهن کان پوئتي رهجي ويو، سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته اسا?? جي ڪمزوري?? جي ڪري ٻيا ادارا اسا?? جي ڪم ۾ مداخلت ڪندا آهن، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بنا فرق احتساب ۽ وقت سر چونڊن ذريعي ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو، اڳوڻي سينيٽر زاهد خان چيو ته سينيٽ 15 هين ترميم روڪي، سينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته سينيٽ ۾ چئني صوب?? جي برابر نمائندگي آهي، مشاهد حسين سيد چيو ته قائداعظم جمهوريت ۽ ووٽ جي طاقت تي يقي?? رکون ٿا، پاڪستا?? جي پارليامينٽ فلسطي?? جي حق ۾ دنيا جي سمورين پارليامينٽن کان وڌيڪ قراردادون م??ظور ڪيون، سينيٽ معاملن تي اهم ڪردار ادا ڪيو، 2003ع ۾ آمريڪا طرفان عراق تي حملي جو فيصلو ٿيو، اسان ا?? جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪا قرارداد هتي پاس ٿي اها پاليسي ٺهي، 2005ع ۾ بلوچستا?? جي مسئلن تي هڪ اهم سنگ ميل ڪميٽي جو قيام هو، گرين ۽ ڪلين پاڪستان ڪميٽي اهم اڳڀرائي هئي، سلاله چيڪ پوسٽ حملي کانپوءِ قومي سلامتي تي رضا رباني جي صدارت ۾ ڪميٽي جي سفارش?? جي ڪري شمسي ايئر بيس بند ٿيو، آمريڪا طرفان معذرت ڪئي وئي، جمهوريت جو تحفظ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي اسان سڀني جي ذميواري آهي، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين م??لانا عبدالغفور حيدري چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي هي تقريبون اهم آهن، سينيٽ جي جوڙجڪ برابري جي بنياد تي ڪئي وئي، 1973ع تائين نظريه ضرورت تحت عبوري آئين رهيو، 1973ع جي آئين ۾ مولانا مفتي محمود، خان عبدالولي، غوث بخش بزنجو، شاهه احمد نوراني جو وڏو ڪردار هو، هي آئين اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي، سينيٽر سردار شفيق ترين چيو ته سينيٽ کي مالياتي اعتبار سان بااختيار بنائڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سمورن سينيٽر?? جي ذميواري آهي ته هو ڪردار ادا ڪن، سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولڻا پوندا، قانون تي ا?? جي روح موجب عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ائين تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسٽينڊنگ ڪميٽيون مضبوط هجن، اڳوڻي سينيٽر روزينه عالم خ??ن چيو ته سينيٽ جي ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي کوٽ آهي، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ تي اسان سڀني جو ايمان آهي، اڳوڻي سينيٽر رضا محمد رضا چيو ته پاڪستا?? جي بحرانن جو ذميوار ڪير آهي ان جو تعين ٿيڻ گهرجي، ڄام مهتاب حسين ڏاهر چيو ته سينيٽ جو ڪم صوب?? جي معاملن کي بحث هيٺ آڻڻ آهي پر پوائنٽ اسڪورنگ ۾ وقت برباد ڪري ڇڏيندا آهيون، هتي صوب?? جي مسئلن تي بحث ۽ قانونسازي ٿئي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، سينيٽ جو ڪم تڪرارن جو حل آهي، سينيٽ سان گڏ هائوس آف فيڊريشن لکيو وڃي، سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته صوب?? جي احساس محرومي بدران هتي ٻيا معاملا بحث هيٺ آندا ويندا آهن، ماضي ۾ صوب?? جي حقن لاءِ کنيل قمن تي فالو اپ به وٺڻ گهرجي، 18 هين ترميم تي ا?? جي روح موجب عمل نه ٿي رهيو آهي، ان تي عملدرآمد ڪميٽي ٺاهي وڃي، سينيٽر ڪيشو ٻائي سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي عظيم آئين ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.
پاڪستان کي درپيش سمورن چئلينجن ۽ بحرانن جو حل قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت ۾ آهي: اڳوڻا ۽ موجوده سينيٽرز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر