اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک ??و اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻ??رن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن ??ي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي ??و اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ