اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻ?? طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ??ين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي ??روغ جي ذريعي ٻ?? طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ??و. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي ??قابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ??و.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ??و، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پ??و وڃي، زائرين ۽ عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي ??راهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي ??سئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عب??س لفته چيو ته عراق پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي ??گاهه ??ان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته عراق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي ??روغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.