اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپ??ڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپ??ڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي ج?? مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي ج?? اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان صوبي ج?? امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي ج??د صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس