اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪ??و ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز مره جي م??ام??ن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪ??و ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، اسان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريع?? انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري اسان جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنما??ي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada