گڏيل قومون – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊس انفارميشن جي روڪٿام ۽ اظهار راءِ جي آزادي ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي عالمي برادري کي چيو آه?? ته هو شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي، پاڪستان غلط ??طل??ع جي مسئلي جي روڪٿام لاءِ پُرعزم آه??. اها ڳالهه هن”ڊس انفارميشن کي منهن ڏيڻ ۽ اعتماد سازي لاءِ شفافيت جي فروغ“ جي باري ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي جيڪو گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن جي پريس قونصلر مريم شيخ ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران تقريب ۾ پڙهي ٻڌايو. ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ – 19 جي وبا، ٻي عالمي جنگ عظيم کانپوءِ دنيا کي درپيش سڀ کان وڏو بحران آه??، وبائي مرض سبب پيدا ٿيندڙ صحت ۽ مالياتي چئلينجن کانسواءِ دنيا ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تيزي ??ان پکيڙ جي مسئلي جي به ور چڙهيل آه??، جيڪا سماجي ورڇ، قوميت پرستي، امتيازي ??لوڪ، نفرت انگيز تقرير، نسل پرستي، زينوفوبيا، اسلاموفوبيا ۽ ان بابت عدم برداشت سميت جعلي علاج ۽ ويڪسين جي خلاف سازشن کي هوا ڏيڻ جهڙن ڳڀير مسئلن کي وڌائي رهيو آه??. هن چيو ته موجوده ڊجيٽل دور ۾ جتي انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽينڪالاجيز (آءِ سي ٽي) جي استعمال جي ذريعي گڏيل رابطا هڪ نئون معمول بڻجي ويو آه??، اظهار راءِ جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ ماڻهو، برادرين ۽ معاشرن کي بااختيار بڻايو آه??، ان سان گڏوگڏ اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي ته آءِ سي ٽي غلط ??طل??ع، مخصوص مفادن جي حامل معلومات يا ڊس انفارميشن پکيڙڻ جا رستا هموار ڪيا جنهن کي وڏي پئماني، رفتار ۽ دائره ڪار ۾ سياسي، نظرياتي يا واپاري محرڪات لاءِ گهڙيو، پکيڙيو ۽ هوا ڏني ويندي آه??. هن چيو ته ان ”انفوڊيمڪ“ کان ان ڳالهه جي تصديق ٿيندي آه?? ته اظهار راءِ جي آزادي صرف هڪ حق ئي نه پر هڪ گڏيل ذميداري به آه?? جهڙوڪ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدا (آءِ سي سي پي آر) جي آرٽيڪل 19 (3) ۾ بيان ڪيو ويو آه??، چوڌري فواد حسين چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ غلط ??طل??ع جي روڪٿام ۾ توازن قائم ڪرڻ ضروري آه??، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن عالمي برادري شفافيت کي فروغ ڏيڻ ۽ غلط ??طل??ع جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي سگهندي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته ان ڏس ۾ سان اظهار راءِ جي آزادي جي حق جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان خصوصي رابطا ڪا?? جي ”ڊس انفارميشن ۽ اظهار راءِ جي آزادي“ جي باري ۾ رپورٽ تي ٿورائتا آه??ون جنهن انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ غلط ??طل??ع کي روڪڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڊس انفارميشن تي ضابطو آڻن لاءِ مسلسل ڪوششون گهربل هونديون، هن قومي ۽ عالمي سطح تي ان مقصد جي فروغ لاءِ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ڊس انفارميشن جي پکيڙ جي ري ايڪشن کي قانوني حيثيت، ضرروت ۽ تناسب جي اصولن سميت عالمي انساني حق قانون ۾ مستحڪم انداز ۾ جڙ??ل هجڻ گهرجي. هن چيو ته صحافي، سول سوسائيٽي جون تنظيمون، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ۽ دانشور آزادي اظها?? جي حق جي ذميداراڻي استعمال جي ضرورت کان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڊس انفارميشن جي خطرن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها اسان جي گڏيل ذميداري آه?? ته اسان ڪنهن به معلومات کي شيئر ڪرڻ کان پهرين ڪجهه دي?? جي لاءِ روڪيون جيڪا حقيقت ۾ ڪو غلط ??طل??ع يا معلومات به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻين جي حقن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿي، وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون پنهنجو ڪاروباري ماڊلز جو جائزو وٺڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سندن ڪاروباري آپريشنز، ڊيٽا ڪليڪشن ۽ ڊيٽا پروسينگ جا طريقا عالمي انساني حقن جي معيارن سان هڪجهڙائي رکندا هجن، انهن کي پنهنجي پليٽ فارمز کي غلط ??طل??عن جي پکيڙ جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي جيڪو امتيازي ??لوڪ، نفرت تي اڪسائڻ ۽ تشدد جو باعث بڻجندا آه??، چوڌري فواد حسين چيو ته آن لائن يا آف لائن غلط معلومات ۽ ??طل??عن جي معاملن جي مانيٽرنگ لاءِ هڪ عالمي ريگوليٽري فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي لاءِ مستحڪم ڪوششن جي ضرورت آه??، پاڪستان ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ پرعزم آه??، ان جو انساني حقن مان مستفيد ٿيڻ ۽ سڀني جي بنيادي آزادين تي واضح منفي اثر پوندو آه??، ڊس انفارميشن کي منهن ڏيڻ لاءِ جي پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان گڏيل قومن جي 76 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ” ڊس انفارميشن جي روڪٿام ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ ۽ فروغ“ جي عنوان سان هڪ قرارداد پيش ڪندو، اسان ان قدم جي لاءِ سمورن ميمبرن ملڪن جي تعاون جا منتظر آه??ون، ان طرح جي قرارداد جي منظوري شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن تي قابو پائڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حق مان لطف اندوز ٿيڻ جي جامع مهم جي آغاز ۾ معاون ثابت ٿيندي.
عالمي برادري شفافيت جي فروغ ۽ ڊس انفارميشن جي روڪٿام لاءِ ميڪنزم جوڙي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم