سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??دد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي قائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪرڻا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن ??عاهدو پوري قوم جي لاءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو آهي ان معاهدي سان افغانستان سان گڏوگڏ پوري خطي ۾ امن ??يندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي.
وزيراعظم جي بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری