چترال – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين، مخالفن جي پروپئگنڊه جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ترقي جو سفر جاري رکنداسين، چترال سان دل جي گهراين سان محبت ڪريان ٿو. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي چترال جي عوام سان ايترو ئي پيار آهي جيترو هو مون سان ڪري ٿو. هن چيو ته لواري ٽنل کانسواءِ 17 ارب رپيا رستن جي ت??مير تي پڻ خرچ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي دلين ۾ ??غض نه آهي جنهن کي جيترو مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، ??غض هجي ها ته صوبن ۾ حڪومت ٺاهي سگهياسين پئي. هن چيو ته احتجاجي سياست ڪندڙن کي عوام هر جاءِ تي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ٺهنديون. هن چيو ته علائقي ۾ اسپتال جي ت??مير جي لاءِ وزيراعظ?? هيلٿ پروگرام تحت 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهي ويندي جنهن جي ت??مير جلد شروع ٿيندي ۽ اڪثر منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿي ويندا.
اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔