تل ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي ڪابينه ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ??اهو جي رهائش تي ڪيل ڊرون حملن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حملو ڪري سگهجي ٿو. اسرائيل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ايران تي ڪيل اسرائيلي حملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي رهائش تي ڊرون حملي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊرون حملي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي هڪ ٻيو حملي جو امڪان آهي. ان کان اڳ اسرائيلي هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف تي فضائي حملا ڪيا هئا جن ۾ م??زائل سازي جي سهولتن ۽ فضائي دفاعي ??يٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. واضح رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله گذريل هفتي اسرائيل جي سامونڊي ڪناري واري شهر قيصريه ۾ اسرائيل جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائي?? ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم ڊرون حملي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب