بيجنگ – 05 جون (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن لاءِ واپاري ۽ اقتصادي ملٽي فنڪشنل پليٽ فارم (ايس سي او ٽي اي ايم پي) جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پليٽ فارم جي ٿنڪ ٽينڪ الائنس جي چيئرمين هوڪائي چيانگ چيو آهي ته پاڪستان هائوس جي شموليت سان اهو پليٽ فارم ايس سي او فريم ورڪ جي اندر ڪيثر جهتي سهڪار کي آسان بڻائڻ لاءِ پليٽ فارم جي ورڪنگ ڪميٽي کي وڌيڪ پيشيواراڻي خدمتون پيش ڪندو. ان سان ايس سي او ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۽ عوامي سطح تي مٽا سٽا جي وسيع نتيجن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ايس سي او ٽي اي ايم پي پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ پاڪستان هائوس کي ايس سي او ٽي اي ايم پي ٿنڪ ٽينڪ الائنس ۾ شامل ٿيڻ جو لائسنس گذريل مهيني ڏنو هو. هوڪائي چيانگ چيو ته پليٽ فارم ايس سي او جي ملڪن جي سربراهن، ماهرن، اسڪالرز، ڪاروباري ادارن، مخ??لف شعبن ۾ اڳواڻ ۽ ٻين کي راغب ڪري ٿنڪ ٽينڪ جي تعمير کي مسلسل هٿي ڏني آهي. هن چيو ته اهو پليٽ فارم هڪ ع??لم?? اختراعي ٿنڪ ٽينڪ اتحاد جي تعمير لاءِ پرعزم آهي جيڪو ايس سي او ملڪن وچ ۾ صنعت، معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سڌي ريت سهڪار کي قابل بڻائي ٿو. مقامي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڪنامڪ اينڊ بزنس ايڊوائزري ڪائونسل جي چيئرپرسن علي حسين چيو ته پاڪستان هائوس هڪ پرڏيهي ملڪ ٿنڪ ٽينڪ جي طور تي پنهنجي فائدن کي فعال طور تي براءِ ڪار آڻيندو ۽ ع??لم?? معاملن تي ٻين اتحادي ميمبرن س??ن ويجهي هم آهنگي کي هٿي ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان جيڪو 2017ع کان ايس سي او جو مڪمل ميمبر آهي جي لاءِ تنظيم ترقي ۽ ع??لم?? رابطي ۾ اضافي لاءِ هڪ عمل انگيز جي طور تي ڪم ڪيو آهي. تنظيم علائقائي ۽ ع??لم?? واپار نيٽ ورڪس ۾ پاڪستان جي شموليت کي به سهولت فراهم ڪئي آهي. اسان پليٽ فارم ذريعي چين، پاڪستان ۽ بين ايس سي او ملڪن وچ ۾ ع??لم?? واپار، تعليم، ثقافت ۽ ماڻهن وچ ۾ مٽا سٽا جهڙن شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.
پاڪستان هائوس جي ايس سي او ٽي اي ايم پي ۾ شموليت سان ميمبر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ۾ مدد ملندي: هوڪائي چيانگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری