گ??يل قومون -07 نومبر (اي پي پي) ??سر??ئيل فلسطين تڪرار کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 9 نومبر تي ٿيندو. روس جي خابرو اداري مطابق گ??يل قومن ۾ گ??يل عرب امارات جي مستقل نمائندي ۽ سفير چيو آهي، ته هن اجلاس ۾ (جنهن جي صدارت چين ڪري رهيو آهي) سلامتي ڪائونسل جا سمورا 15 ميمبر وچ اوڀر جي تڪرار جي حل جي دستاويزن تي مشاورت ۾ حصو وٺندا جن کي تنظيم جي 10 غير مستقل ميمبر ملڪن تجويز ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل مهيني گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين ??سر??ئيل تڪرار تي ٺهراءَ جي 4 مسودن مان ڪنهن کي به منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پنهنجي دستاويز جو مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ٺهرائن جي مسودن جي شقن کي شامل ڪرڻ جي ام??د آهي. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري حماس ??سر??ئيل جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏي اڪثريت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي.
اسرائيل فلسطين تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2