جده -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت مڪي پاڪ جي برانچ چيو آهي، ته جده اسلامي بندرگاه رستي آيل 14 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جي ڪليئرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. العربيه نيوز مطابق وزارت جي ڊائريڪٽر ??نرل ماجد الخليف ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن جانورن مان 6 لک 33 هزار اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) جي قرباني پروگرا?? لاءِ آهن. هڪ موسم دوران وڌيڪ چوپايو مال مملڪت ۾ آندو ويندو. هن ٻڌايو ته مڪي پاڪ ريجن ۾ اسان جي وزارت چوپائي ما?? جا قرنطينيه مرڪز ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون آهن جتي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته جانور وبائي بيمارين کان پاڪ هجن. ڊي جي جو چوڻ هو ته چوپائي ما?? جا جهاز بندرگاه پهتا آهن، جانورن جو ڊاڪٽر معائنو ڪندا جنهن بعد پتو لڳايو ويندو ته امپورٽ ڪي?? جانور صحتمند آهن يا نه. ان حوالي سان جي سي سي ملڪن ۾ رائج قرنطينه قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي.
حج سيزن لاءِ 14 لک کان وڌيڪ چوپايو مال جده بندرگاه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ