اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان روس واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت بين الحڪومتي ڪميشن جو نائون اجلاس 2 کان 4 ڊسمبر تائين ماسڪو ۾ ٿيو. هن چيو ته آءِ جي سي جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وز??ر سردار اويس احمد خان لغاري ۽ روس جي توانائي واري وز??ر سرگئي تسويليف ڪئي. ترجمان چيو ته ٻن??ي ڌرين ٻطرفي سياسي ڳالهه ٻولهه جي تعميري نوعيت تي اطمينان جو اظ??ار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطح تي رابطن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي اندر نتيجاخيز تعاون پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ اقتصادي، واپاري، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فضائي رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪستان ۽ روس ۾ توانائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ٿيُون آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : números dupla sena