اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ??حس?? اقبال پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هاڻوڪي افتتاح کانپوءِ ان جي ڪمرشلائيزيشن لاءِ جامع من??وب?? تيار ڪرڻ ۾ دير تي سخت ڇنڊ پٽي، اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير ??حس?? اقبال گوادر کي عالمي ايئر لائنز لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افتتاح جي 6 مهينن اندر ايئر لائنز کي ان طرف راغب نه ڪيو ويو ته ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽجي ويندا. ??ن ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جهڙن خطن مان ڊگهي فاصلي جي اڏامن کي راغب ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن لاءِ سستي اگه?? تي فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني. چين جي حڪومت 230 ملين ڊالرن جي تعاون سان تعمير ڪيل نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو رن وي 3648 ميٽر?? تي ٻڌل آهي. ان جي مسافر ٽرمينل بلڊنگ جي ايراضي 14،000 چورس ميٽر آهي ۽ ان ۾ پوليس اسٽيشن، سيڪيورٽي، گودام ۽ ٻيون ضروري عمارتون، عوامي سهولتون، (پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي، ايڇ وي اي سي وغيره) هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول سهولتون، ڪميونٽي اسپتال، اسڪول، رهائشي علائقا ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن. ايڊيشنل ڊي جي پي اي اي ايئر وائيس مارشل ذيشان سعيد وفاقي وزير کي سيڪيورٽي انتظام?? تي بريفنگ ڏني ۽ ڊسمبر تائين آپريشنل ڪليئرنس جي خاطري ڪرائي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيو گوادر ايئرپورٽ فيض الله خٽڪ ۽ ڊي جي ڪمرشل پي سي اي اي عبدالباس سرڪاري کاتن، گودامن لاءِ رکيل پلاٽن ۽ ٽينڊرز سميت جاري قدم?? تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير ??حس?? اقبال ڪمرشلائيزيشن رٿابندي ۾ ٻن سالن جي دير تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته ايئر لائنز کي راغب ڪرڻ، ڪارگو سهولتو?? تيار ڪرڻ ۽ عالمي پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪن، مارڪيٽ تي ٻڌل حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريندي ??حس?? اقبال چيو ته ايئرپورٽ جي افتتاح کان پهرين مارڪيٽ تجربو ڪرڻ گهرجي ها. هن نشاندهي ڪئي ته عمان ۽ دبئي ۾ فني لينڊنگ ڪندڙ عالمي ايئر لائنز گوادر کي هڪ گهٽ لاڳت متبادل طور ڏسي سگهن ٿيون ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي اين جي آءِ اي کي ان جي مطابق پيش ڪن. هن مسافرن جي اچ وڃ سان گڏوگڏ ايئر ڪارگو سهولتن جي قيام تي زور ڀريندي پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته هو ڊي ايڇ ايل ۽ فيڊيڪس جهڙين عالمي لاجسٽڪس ڪمپنين سان شروع ڪن ۽ ڪارگو يوٽيلٽي کي ترجيح ڏين، عملدارن ٻڌايو ته اين جي آءِ اي ساليانو 4 لک مسافرن کي سنڀالڻ جي صلاحيت ر??ي ٿو، جنهن کي عالمي سطح تي 16 لکن تائين وڌائي سگهجي ٿو، ايئرپورٽ جي استعمال کي وڌائڻ لاءِ وفاقي وزير ڪمرشل سهولتن جهڙوڪ ريسٽورنٽس، ڊيوٽي فري شاپس، تفريحي سهولتن جي ترقي تي زور ڀريو. بئنڪاڪ جي ڊان موانگ ايئرپورٽ جو مثال ڏيندي جتي رن ون وچ ۾ هڪ گولف ڪورس موجود آهي، هن مسافرن ۽ ڪاروباري ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ايئرپورٽ جي غير استعمال ٿيل زمين کي اهڙي طرح تخليقي من??وب?? لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني. وفاقي وزير اجلاس جي پڄاڻي تي پي اي اي عملدارن کي ٽن هفتن اندر هڪ جامع ڪمرشلائيزيشن من??وب?? پيش ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني جنهن ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ جي واضح ٽائيم لائنز ۽ حڪمت عملي شامل هجي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ اجلاس، نيوگوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي عالمي ايئر لائنز لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻائڻ جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina