اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ?? ماٺي سمنڊ لاءِ گڏيل قومن ج?? آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ?? ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقياتي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان ج?? آبادي جي مسئلن ??ي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان ج?? سماجي ۽ انساني حقن ج?? عالمي معيار جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي جي هدفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترقي جي مسئلن ??ي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انساني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن ج?? سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خاتمي لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين ج?? اوز جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن ج?? ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن ج?? ايجنسين سان جاري ڀائيواري تي به روشني وڌي جيڪا صنفي مساوات ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن ج?? مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن ج?? نمائمندگي ڪري ٿي جنهن ج?? مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شموليتي معاشري جو قيام آهي.
وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي آبادي بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی