اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم م??مد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تم??م بن ??مد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تم??م بن ??مد الثاني، وزيرا??ظم/ پرڏيهي معاملن واري وزير م??مد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وزيرا??ظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وزيرا??ظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي اج??گر ڪندي.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ