اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد ک??ن جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد پاڪستاني نه پر پاڪست??ن جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اس??ن جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا