اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيره غازي خان ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سي ٽي ڊي پنجاب بروقت ڪامياب آپريشن ڪري فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن ??ي انجام تائين پهچايو. ??ذر??ل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ان??يل??جنس بيسڊ آپريشن تي سي ٽي ڊي پنجاب کي شاباس ڏني. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب انتهائي پروفيشنل انداز ۾ ان??يل??جنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڊي جي خان ۾ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻايو . فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي نا??اڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سي ٽي ڊي پنجاب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب هميشه فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي. سي ٽي ڊي پنجاب جي بهادر جوانن تي فخر آهي ۽ اهو فورس اسان جو سرمايو آهي.
سي ٽي ڊي پنجاب پاران وقتائتو ڪامياب آپريشن، فتنه الخوارج جا 02 دهشتگرد انجام تائين پهچي ويا : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج