اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آ??ي ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آ??ي، جن لکين ماڻهن کي اڄ انقلاب آڻڻو هو خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول مطابق رهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ن??ڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز جو سهارو ورتو آ??ي، ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگه??ي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون. ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته هن پاڻ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دؤرو ڪيو، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب هئي. هن چيو ته جيڪي لکين ماڻهو انقلاب آڻڻ لاءِ آيا هئا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا. هن چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب آهي. روزمره زندگي ن??رمل آهي، اهي لکين ماڻهو جن کي سمنڊ جي شڪل ۾ نڪرڻو هو اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن چيو ته جلسو ڪرڻ جمهوري حق آهي، انتظاميه پي ٽي آءِ کي جيڪو وقت ڏنو آ??ي ان مطابق جلسو هئڻ گهرجي. هن چيو ته جلسي جي ن??ڪامي لِڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون فوٽيچز جاري ڪري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت، ڪارڪن ?? پي ٽي آءِ سان ذهني هم آهنگي رکندڙ اهڙيون ڪوڙيون وڊيوز ڦهلائي رهيا آهن. هن چيو ته احتساب جاري رهندو، جيڪڏهن هو اهو تاثر قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جلسو ڪري اين آر او ورتو ويندو ته اهو هرگز نه ٿيندو، اوهان کي توشه خانه جو به جو??ب ڏيڻو پوندو، اوهان کي 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن جو به جو??ب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي طور تي وڏي ن??ڪامي آهي، اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته لکين ماڻهو آڻي رهيا آهن ـ ٻاهر نڪرڻ جو وقت آيو ته مڪمل طور ناڪام ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي قيادت ٻئي ن??ڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ان ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.
تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون، عوام پي ٽي آءِ جلسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز جو سهارو ورتو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ