اسلام ??باد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ترقيات?? بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر?? جي معيشت بڻائڻ اسا?? جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ ترقيات?? بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، ترقيات?? بجيٽ جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنه?? جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحرا?? جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ ترقيات?? بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تائين محدود هو، اسان 2018ع تائين ان کي هڪ هزار ارب روپين تائين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ??ا ته اڄ اها ترقيات?? بجيٽ 3 هزار ارب روپئين تائين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024ع ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي ترقيات?? بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي ترقياتي منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ ترقيات?? بجيٽ جو 12 سيڪڙو هو اڄ گهٽجي چار سيڪڙو تائين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ ترقيات?? بجيٽ 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومت?? جي ذميواري آهي ته هو ترقيات?? بجيٽ جو مطالبو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير چيو ته اسان ترقيات?? بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، ترقيات?? بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان تعين ڪرڻو پوندو. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي هلايا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي معيشت بڻائڻ اسا?? جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اهڙن منصوب?? جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام ??ي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.
پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر