ڪوئ??ٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريش?? سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزي?? مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئ??ٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريش?? سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مس??لن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي مس??لن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئين رجسٽريش?? سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزي?? مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان عوام کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عوام خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں