لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي، ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصو?? سيٽن جي حوالي سان پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ اهم نقطا اٿاريا. مخصو?? سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار ئي نه هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته تفصيلي فيصلو 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ناهي اچي سگهيو. هن چيو ته عام طور تي فيصلو ٻڌائڻ جي 15 ڏينهن اندر تفصيلي فيصلو جاري ٿيندو آهي، هن چيو ته آئين جا ڪجهه آرٽيڪ??ز مخصو?? سيٽن بابت آهن. مخصو?? سيٽن جي حوالي سان فيصلي ۾ انهن آرٽيڪلز کان هٽي ڪري فيصلو ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جي اختلافي نوٽ ۾ اهو به لکيل آهي، ته تحريڪ انصاف ان ڪيس ۾ ڌر نه هئي، ان کي رليف ڏيڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 ۾ حاصل ڪيل اختيارن کان ٻاهر وڃڻو پوند?? ۽ ??رٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي رد ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف عدالت سامهون درخواست گذار جي حيثيت سان موجود ئي نه هئي، پر ان جي 81 ميمبرن کي رليف ڏنو وي?? ۽ ??هي ماڻهو جيڪي مخصو?? سيٽن تي چونڊجي آيا ۽ حلف کڻي چڪا هئا، انهن جي رڪنيت ختم ڪئي وئي. انهن جي رڪنيت ختم ڪرڻ کان پهرين جيڪي مرحلا طي ٿيا، اهي ق??نو??ي طور تي پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر جيڪڏهن ايوان ۾ سني اتحاد ڪائونسل مان نڪري تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ويهندا ته اهو آرٽيڪل 62 (1) ايف جي ڀڃڪڙي هوندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ ۾ اهو به چيو ته ثابت ٿيل حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل سياسي پارٽي طور عام چونڊ ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به آزاد حيثيت ۾ چونڊ ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ان تي آئين ۽ ق??نو?? واضح آهن. آئين تحت انهن سياسي پارٽين جيڪي پارليامينٽ ۾ موجود آهن کي متناسب نمائندگي جي فارمولي تحت مخصو?? سيٽون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، ان جي چيئرمين به آزاد حيثيت م اليڪشن وڙهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ميمبرن ان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو. هن چيو ته جڏهن هڪ سياسي پارٽي جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي ته ان کي مخصو?? سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي پنهنجي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪو به اقليتي ميمبر انهن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح انهن کي اقليتي سيٽون به نٿيون ملي سگهن. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي اختلافي نوٽ مان اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي، ته ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آئين جي مخصو?? سيٽن بابت آرٽيڪلز کي معطل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي هن ڪيس ۾ بنا گهرڻ جي رليف ڏنو ويو، انهن ماڻهن کي رليف ڏنو ويو جيڪي رليف گهرڻ ئي نه آيا هئا. هن چيو ته مخصو?? سيٽن تي جيڪي ماڻهو چونڊيا انهن جي به حق تلفي ٿي آهي. انهن کي به ٻڌڻ گهرجي ها. مخصو?? سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ جي پوري طريقيڪار تي عمل ٿيو. شيڊيول تحت لسٽون اليڪشن ڪميشن ويون، انهن فهرستن جي بنياد تي ميمبرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، ڇنڊڇاڻ ٿي ۽ ان کان پوءِ انهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي?? ۽ ??نهن ميمبرن اسيمبلي ۾ حلف کنيو. هن چيو ته مخصو?? سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي رڪنيت ته ختم ڪئي وئي، جڏهن ته انهن باقي مرحلن تي غور نه ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته عدليه جي فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نظرثاني جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته اڃا تائين ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ م آئيني ۽ ق??نو??ي نقطا اٿاريا آهن، اهي نقطا ليگل فريم ورڪ تي وڏو سواليه نشان آهن، جنهن جو جواب اچڻ ضروري آهي.
سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصوص سيٽن جي حوالي سان اختلاف نوٽ م اهم نقطا اٿاريا، مخصوص سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار نه هئي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔