اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئ??. و??يراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله ملڪ معاشي ??ور ??ي صحيح رخ ۾ گامزن آهي، بجيٽ ۾ عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا. هن چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتمادل بحال ٿيو، بجيٽ قدم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ٽيم سرگرم آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اولين ترجيح آهي، برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ بجيٽ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته برآمد ڪندڙن کي ??نهن جي ريفنڊز جي فوري ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪنداسين. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي ملڪي معيشت کي ??حيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين ??يش ڪيو. وفد بجيٽ جي ڪاروباري برادري ۾ پذيرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ان جا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين تي مثبت اثر پوندا. ملاقات ۾ شهزاد سليم، زيد بشير، مصدق ذوالقرنين ۽ شهريار چشتي شريڪ هئا.
ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات