ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بلوچستان جو اصل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بلوچستان ??وش?? روايتن جو امين آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره ب??ادري سان اسان جون محبتون پراڻيون آهن، بلوچستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره ب??ادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هزاره ب??ادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ شهيدن جو آهي، دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بلوچستان جو اصل سرمايو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي سڃاڻپن جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بلوچستان به نسلن ۽ قبيلن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بلوچستان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بلوچستان جي هزاره ب??ادري کي ساراهيندي چيو ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي. هزاره ب??ادري جي نمايان شخصيتن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره ب??ادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. نگران وزيراعظم بلوچستان ۽ پاڪستان کي امن جو گهوارو ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. نگران وزيراعظم هزاره ب??ادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پروگرام جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ب??صلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پروگرامن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پروگرام جي تاريخي شروعات تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان علائقائي پروگرام جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بلوچي لباس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.
پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena