اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحافت ۽ سياست جو اڻ ٽُٽ ساٿ آهي، جمهوريت ۾ اختلاف راءِ معمول جي ڳالهه آهي، آئون پاڻ صحافي برادري مان آهيان، سدائين اظهار راءِ جي آزادي جو حامي رهيو آهيان ۽ اڃا به ان تي قائم آهيان. اها ڳ??لهه هن پارليامينٽ هائوس جي پريس لائونج ۾ پي آر اي جي صدر عثمان خان ۽ ٻين صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پي آءِ او طارق خان به موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته سمورن صحافين سان سدائين عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه وقتن تي ??خت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن پر اهو جمهوريت ج?? حصو آهي. اسان گذريل ڏينهن هڪ پريس ريليز به جاري ڪئي هئي، جيڪا نگران حڪومت جي ترجماني ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر