اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگي?? خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحمان، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خان، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفا?? خان، اسفند يا?? خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحمان، سلامت خان، جاويد وزير، طارق نصير، محمد اعظم خان، ظفر حيات، مولانا عبدالرحمان، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪ??و. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحال?? جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قدمن جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چترال جي بجل?? جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪ??دس. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اجلاس ڪري جلد مون کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجل?? جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيلن کي مل??دڙ امداد تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام