اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دو??ان پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪئناڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون، آسٽريا جي نامزد سفير مسز اينڊريا وڪ، شام جي نامزد سفير ڊاڪٽر رميز الراعي، سربيا جي غيرمقيم نامزد سفير ڊريگن ٽوڊورودڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نامزد سفير لاڊيسلا وباليڪ بعد ۾ صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڪئناڊا جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پا??ستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ خوشگوار ۽ دو??تاڻا لاڳاپا آهن، پا??ستان ڪئناڊا سان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، پا??ستان ۾ وڏي اقتصادي صلاحي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪئناڊا جي ڪاروباري ادارن کي پا??ستان ۾ موجود موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي، ريڪوڊڪ منصوبي جو حل هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اميد آهي ته ان سان پا??ستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جي وڌيڪ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هو. پا??ستان ۾ آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان آسٽريا سان لاڳاپن کي ٻطرفو ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اهميت ڏي ٿو، پا??ستان جي سيڙپڪاري جي نظام مان آسٽريا جي ڪمپنين کي فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته آسٽريا جون ڪمپنيون پا??ستان ۾ خصوصي اقصادي زون?? ۾ ??يڙپڪاري ڪرڻ تي غور ڪن، پا??ستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انهن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. صدر ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پا??ستان موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آسٽريا سميت پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الراعي پڻ ملاقات ڪئي. هن پا??ستان ۽ شام جي وچ ۾ مختلف سطحن تي قيادت ۾ مستقل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شام سان پا??ستان جا لاڳاپا گهڻ رخا ۽ گهري پا??ون رکندڙ آهن. صدر شامي حڪومت پاران پا??ستاني زائرين جي لاءِ گروپ ويزا کولڻ جي دو??تاڻي قدم کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ دمشق جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون هلائڻ جي فيصلي کي پڻ ساراهيو. سربيا جي غيررهائشي سفير دراگان تودوروڪ پڻ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻطرفا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پا??ستان 22 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هنرمند ۽ نيم هنرمند ڪارڪنن جي مثالي مارڪيٽ آهي، سربيا پا??ستان جي افرادي قوت سان ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ فائدو کڻي سگهي ٿو، پا??ستان جا هنرمند نوجوان تعميراتي شعبي ۾ سربيا جي مدد ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي سان سلوواڪ ريپبلڪ جي سفير لاڊيسلا وباليڪ پڻ ملاقات ڪئي. هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته پا??ستان جي سيڙپڪاري جون پاليسيون لبرل آهن، پا??ستان جو اسٽارٽ اپ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صدر چيو ته خصوصي اقتصادي زون?? ۾ ??لوواڪ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.
صدر کي ڪئناڊا، آسٽريا، شام، سربيا ۽ سلوواڪ ريپبلڪ جي نئين سفيرن پاران سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق