اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مم??ڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينورسٽيءَ ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيء?? جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سا?? گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊ??ڪٽ?? ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊ??ڪٽ?? عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عو??تن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عو??تن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊ??ڪٽ?? ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج