اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي اڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي بحالي لاءِ گه??بل امداد جي باري ۾ آگاهه ڪيو وي??. و??اقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ??لڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان ??يل?? ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪي??. و??د سانوڻي جي تباهڪارين تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد جي ملاقات، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری