اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عال??ي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پا??ستان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران پا??ستان حڪومت غريب عوا?? کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پا??ستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، پا??ستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پا??ستان جي لاءِ جاپان جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته افغانستان جو امن دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي، دنيا کي افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران پا??ستان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پا??ستان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوا?? کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عال??ي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پا??ستان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ٽي وي ۽ ريڊيو پا??ستان جي لاءِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي وي نيوز ۽ پي ٽي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي وي انگلش ۽ پي ٽي وي هو?? کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پا??ستان ۽ پي ٽي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.
افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن