اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ معاشي ل??ڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي ل??ڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاونت تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني ل??ءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي ل??ءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آواز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو ??هي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي ل??ءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي ل??ءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي ل??ءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر