اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت ??کندڙ آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضر??رتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضر??رت آهي. اهي ڳالهيون هن پاڪستان جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس ??ان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي ??ان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت ??کندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ضر??ري آهي ??ه اها افغان عوام ??ان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان ??ان پائيدار رابطن جي ضر??رت آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وزير بائڪو ماس وزيراعظم عمران خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي ??ان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.
پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج