اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح ڪيو. هن پدري وائلڊ لائيف گيم رزارٽ سوهاوه ۾ زيتون جو ٻوٽو هنيو. وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته سندس ويزن ۽ قومي ٽوئرازم اسٽريٽجي 2030ع تحت سڄي ملڪ ۾ تا??يخي ۾ قومي ورثي جي حوالي سان اهم جاين جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جنهن سان ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت ج?? تحفظ اسان جي تا??يخ ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪري سگهجي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪس ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ شامل آهن. ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ انهن نيشنل پارڪس کانسواءِ خيري مورت نيشنل پارڪ، ڇنجي نيشنل پارڪ، نمل ويٽ لينڊ ۽ چشما ويٽ لينڊ ريزروز شامل آهن. بريفنگ دوران ٻڌايو ??يو ته سالٽ رينج ايڪالوجي ۽ هريٽيج پروينشن پلان 7 مرحلن تي ٻڌل آهي انهن مان اڄ پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي پئي وڃي. عملدارن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته سالٽ رينج اهڙو تا??يخي قدرتي ثقافتي ورثو آهي جيڪو اڃا تا??ين دنيا جي نظرن کان اوجهل آهي. ٻڌايو ??يو ته 300 ڪلوميٽر ڊگهو علائقو اڪالوجيڪل، بيالوجيڪل ڪلچر هيريٽيج ڪوريڊور ۽ مختلف مذهبن جي تا??يخي جاين جي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هي علائقو قديم تا??يخي ورثو ۽ قيمتي ٻيلا رکندڙ آهي جنهن ۾ وڏو انگ جهنگلي زيتون جو آهي. خطي ۾ پري هندو ازم کان وٺي ٻڌمت يونان گکڙ ۽ مغليه دور جي لاتعداد آثار سان مالامال آهي. بابا گرو نانڪ سڪندر اعظم ۽ ٻين اهم شخصيتن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais