اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ??ابطا ڪميٽي پنجاب ۾ مڪڙن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اوزار خريد ڪرڻ جي ڏس ۾ 100 ملين رپيا، سول آرمڊ فورسز جي صلاحيت ۾ بهتري جي لاءِ 4.5 ارب رپيا ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان ميڊيا مهم هلائڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي لاءِ 500 ملين رپين سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري ??ي اسٽريٽجڪ پلانز ??ويزن جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي عرصي ۾ روزگار کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ري فنانس اسڪيم جي رسڪ شيئرنگ فيسلٽي جي حد ۾ اضافي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي ??ابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر ع??دالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش