بوڪوس-26 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا جي سينٽرل علائقن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي ??يا آهن. پرڏيهي خابرو اداري ??طابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته هٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا آهن. پليٽيو اسٽيٽ جي گادي واري ??نڌ بوڪوس ۾ مقامي حڪومت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته هٿياربندن مختلف برادرين جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏ??يو??. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخم?? پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل علائقن ۾ ترسيل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي تڪرار هلي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر