گڏيل قومون – 02 مئي(اي پي پي) گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ ڪميٽي افغانستان ۾ طالبان انتظاميه جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چ??ني هم منصبن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عالمي اد??ري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چ??ني پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست کي قبول ڪري ورتي آهي. سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني ڪميٽي کي لکيل خط مطابق گڏيل ق??من ۾ پاڪستاني مشن درخواست ڪئي هئي ته امير خان متقي کي 6 کان 9 مئي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ چ??ن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ استثنا ڏني وڃي جڏهن ته ان درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ملاقات ۾ ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
گڏيل قومن پاران افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سفر جي اجازت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر