اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو، حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي، امن کان علاوه، تڪرارن ۽ جنگ دوران صحافي پن??نجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا آهن، صحافين جي تحفظ کانسواءِ صحافت جي آزادي م??ڪن ناهي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مطابق صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پن??نجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سميت س??ي دنيا ۾ صحافي ماڻهن کي باخبر رکڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف رهن ٿا، بدقسمتي سان صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي مختلف خطرا، مصيبتن ۽ ڏکيائين کي م??هن ڏيڻو پوي ٿو، امن کان علاوه تڪرارن ۽ جنگن دوران به صحافي پن??نجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا رهن ٿا. وزيراعظم چيو ته سچ ڳالهائيندڙ صحافين کي پابندين، تشدد، ڌمڪين، اغوا ۽ قتل جهڙن خطرن کي م??هن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته غزه ۾ بين الاقوامي ڪنوينشنز باوجود درجنين صحافين کي ڄاڻي واڻي قتل ??ري سچ جو رستو روڪيو ويو، صحافين جي قتل عام تي عالمي برادري ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي گهرجي ته اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحافين جي تحفظ کانسواءِ صحافت جي آزادي م??ڪن ناهي، اسانجي حڪومت صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي پاسداري لاءِ ترجيحي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني صحافين جمهوريت، آئين جي پاسداري ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جو ايڪٽ 2021 پاس ڪيو ويو آهي ۽ صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس به وفاقي حڪومت جو صحافين جي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان ۾ صحافين خلاف ڏوهن کي روڪڻ، ڏوهه ڪندڙن جي سزا کي يقيني بڻائڻ ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو آئين راءِ جي اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جي حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي.
آئين راءِ جي اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف طرفان صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت