ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد ي??سف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيش??ل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ملاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گيلاني ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد مجتبيٰ گيلاني به ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيد ي??سف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مستقل آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته سندس سفارش تي اٽ??ي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز ??راهم ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : números quina hoje