اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ارشد نديم ??نهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻٿڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي آه??، جولين ٿرو راند جي اوسر جي لاءِ ارشد نديم جون خدمتون قدر جوڳيون آه?? ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آه??. وزيراعظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي?? پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آه??، ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آه??، حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وزيراعظم اولمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná