اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا کي حتمي ش??ل ڏني ويندي. بيان موجب اهو اجلاس مسلمان امت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام مسلسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم مو??عو هوندو ج??ي اهي غزه جي صو??تح??ل تي غور ڪن ۽ هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه مو??ف اختيار ڪن. سربراهي اجلاس جي مو??عي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ?? عالمي چئلينجن بابت پاڪستان جو مو??ف پيش ڪندو. اجلاس جي مو??عي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب