اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي س??ڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي س??لميت ۽ خودمختياري جي احترام جي ان تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پن??نجي پن??نجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جو ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج