اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پا??ستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پا??ستان جي ڪارروائي ايران جي خلاف نه پر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف هئي. پا??ستان پنهنجي پا??يسري ملڪ ايران سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ڳالهه ٻولهه ذريعي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پا??ستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پا??ستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جو تحفظ آهي، جيڪو سڀ کان مٿانهون آهي ۽ ان تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. ترجمان پا??ستان پاران ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ خاص هدف تي ٻڌل فوجي حملن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ جاري ڪيل پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هن وقت ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪ?? جي لا??ِ ڊيووس ۾ آهي. جڏهن ته نگران پرڏيهي وزير غيروابسته تحري?? جي سربراهي اجلاس ۽ ٽئين سائوٿ سمٽ ۾ شرڪ?? جي لاءِ يوگنڊا جي دوري تي آهي. هنن موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پنهنجي دورن کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جاري صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ثالثي بابت پڇيل سوال تي چيو ته کيس اهڙي ڪنهن به اڳڀرائي جي ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته پا??ستان ايران جي عوام کي دوست ۽ ڀائر سمجهي ٿو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اميد آهي ته ٻي ڌر به ان ڳالهه کي سمجهندي. هن چيو ته پا??ستان سدائين ڳالهه ٻولهه جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايران سميت پا??يسري ملڪن سان رابطا جاري ر??ندو. ترجمان چيو ته ”مرگ بر سرمچار“ هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پا??ستان مسلسل پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايران جي اندر پا?? کي سرمچار رکندڙ پا??ستاني ڄائي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن ۽ ٺڪاڻن بابت ٺوس ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز شيئر ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار بيگناهه پا??ستانين جو وهائيندا رهيا. اڄ صبح جي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن پاران وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪارروائي پا??ستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت هجڻ سان گڏوگڏ سڀني خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ پا??ستان جي اڻٿڪ عزم جو به مظهر آهي. پا??ستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پا??ستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا صورتحال ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان پا??ستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن بشمول ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هڪ سوال ته ڇا ايران پا??ستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع ڏنو هو؟ ترجمان چيو ته بلڪل به ڪو اطلاع نه ڏنو هو. هن مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جو حوالو ڏيندي چيو ته پا??ستان ايران سان واپار ۽ توانائي جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي رابطي ۾ رهيو آهي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ٿيو اهو حيران ڪندڙ هو. غزه جي صورتحال تي هن چيو ته 14 جنوري 2024ع انساني ضمير جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ ڏينهن هو، اهو فلسطين جي خلاف اسرائيل جي جنگ جو 100 هون ڏينهن هو، جنهن غزه ۾ 24 هزار کان وڌيڪ جانيون وٺي ڇڏيون آهن، اهو انگ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيو آهي، اسرائيل پاران ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام کي وحشياڻي ڪاررواين کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن جنوري 1990ع دوران ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل قتل عام جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. قتل عام جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ترجمان ان ڳالهه تي جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري ر??ندو.
نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری